خُوشبوءَ جي سنگ سنگ

خُوشبوءَ جي سنگ سنگ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا جو شعري مجموعو آهي. جنهن ۾: انيڪ عنوانن سان شامل آهن ڪتاب جو انتساب سنڌجي نامياري اديب نثار حسينيءَ جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ ’خوشبوءَ جو درپن‘ جي عنوان سان نصير مرزا جو پنهنجي پاران لکيل ليک شامل آهي. ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل، 80 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ٻه رنگي ٽائيٽل ۾ ڇپيل آهي، هيءُ ڪتاب آدم پبلشنگ ايجنسي نومبر 1980ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو جنهن جي قيمت سادي ڪاپي 6 رپيا ۽ اوچي ڪاپي 8 رپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو